سرائي محمد صالح خان

سرائي، محمد صالح خان: سرائي محمد صالح خان، هالاڻيءَ جي جنگ ۾ مير سهراب خان ٽالپر سان گڏ ڪلهوڙن سان وڙهيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ٿي، جنهن کانپوءِ ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا. خيرپور رياست ۾ جيڪي به سرائي ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو سرواڻ سرائي محمد صالح هو. هن جو تعلق بلوچستان جي زهري قبيلي سان هو ۽ مير سهراب خان ٽالپر جي خاص صلاحڪارن مان هو. محمد صالح خان وڏو بهادر هوندو هو. ان کانسواءِ کيس تعميراتي ڪمن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. مير سهراب خان جي حڪم تي ڪوٽڏجيءَ جو مشهور قلعو احمدآباد سندس نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو. هن کي چار پٽ هرهڪ جمعو خان سرائي، سرائي خميسو خان، سرائي فاضل خان ۽ سرائي روجهو خان نالي هئا، جن جي پٺيان خيرپور جي سرائين جا چار مشهور قبيلا وجود ۾ آيا. سرائي جمعي خان جو اولاد جمعاڻي سرائي، سرائي خميسي خان جو اولاد خميساڻي سرائي، سرائي فاضل خان جو اولاد فاضلاڻي سرائي ۽ سرائي روجهي خان جو اولاد روجهاڻي سرائي قبيلي جي نالي سان مشهور آهي. سرائي محمد صالح خان جا اهي چار ئي پٽ مير سهراب خان ٽالپر جا خاص ملازم هئا ۽ وڏي اثر رسوخ وارا هئا.


لفظ سرائي محمد صالح خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو